Mashori Sharif






 


الصلواة والسلام عليڪ يارسول الله

بسـم اللھ الرحمان الرحيم

سوانح حضرت مرشد ڪريم مشوري شريف وارا سائين المعروف

 سائين بادشاه

اما بعد

وادي مھراڻ جي ھن عظيم ڌرتي کي جيئن ظاھري طرح رب ڪائنات فياضي سان رزخيز معدني ۽ قدرتي وسائلن جي نعمتن ۽ برڪتن سان مالامال فرمايو آھي اھڙي طرح رب العالمين کيس باطني طرح به روحاني برڪتن ۽ فيض سان معمور ڪيو آھي.ھن خطه کي باب الاسلام يعني ”اسلام پاڪ جو دروازو“ بڻايو ويو. جتان برصغير کي اسلام، ايمان جي دولت ۽ نور حاصل ٿيو. ھن زمين کي اھو به شرف ۽ فخر حاصل آھي جو رب قدوس جل شان عم نواله سندس باطني برڪتن سان مالامال زرخيز مٽي مٽي جي خمير مان عارفن ڪاملن، مرشدن رھبرن، صاحب شريعت، علما ربانين، ڪامل درويشن ۽ صوفي بزرگن کي پيدا فرمايو. انھن شفيق انسان دوستن، درويشن، بزرگن ۽ الله پاڪ جي ولي ڪاملن ۽ دين جي علما رباني پنھنجي فڪر ۽ روحانيت ۽ تصوف جي تعليم سان پنھنجي قول، فعل، ڪردار سان انسان کي سندس عظمت مان واقف ڪيو ۽ انساني ڪمالات جي اعلي ترين درجه ۽ مقام عطا ڪيو. الله پاڪ جل شان محبوب حقيقي جو عرفان ۽ وصال ۽ ميلاپ حاصل ڪرڻ لا انھن کي دڳ ڏنو ۽ رستو ٻڌايو. جن گنهگارن،عيب وارن، زماني جي بد رسمن ۽ بدڪمن جي مرض ۾ مبتلا ھجڻ وارن انسانن کان نفرت نه ڪئي بلڪه انھن کي پيار، شفقت ۽ محبت وچان نيڪي جو درس ڏنو ۽ انھن جي اصلاح فرمائي.اھڙن عظيم ھستين ۽ شخصيتن مان

حضرت قبله علامه محبوب الدوران غوث الزمان،

سرتاج العلما والصلحا سلطان الاوليا

جناب فيض مآب

محمد قاسم مشوري

 ”مشوري شريف وارا سائين“ قدس الله تعالي سره اقدس جن به آھن. حضرت قبله جن جي شخصيت ڪنھن به تعارف جي محتاج نه آھي. برصغير جي ھن مقتدر شخصيت ۽ ھستي کي ھر قسم ۽ طبقه جا ماڻهون، ممتاز عالم دين، علم گوھر، عاشق رسول، عارف بالله تعالي، بيحد شفيق، بيحد سخي، ڪريم صفت، مھمان نواز، حسن واخلاق جو پيڪر، آل رسول جو زور اديب، رھبر شريعت شيخ طريقت مرشد مربي ڪامل اڪمل جي حيثيت سان سڃاڻي ٿو.

 

سندن جي ولادت باسعادت

سندن جي ولادت مبارڪ١٢ ربيع الاول ١٣١٦ ھجري مطابق 1898 ع ۾ سومر جي رات اسر جو پره ڦٽي مھل مشوري شريف ضلع لاڙڪاڻه ۾ ٿي. پاڻ ڄمندي ئي ڄام ھيا ۽ ننڍي ھوندي ئي پاڪيزه خصلتن ۽ عادتن جا صاحب ھيا. سندن والده مڪرمه ڪڏھين به کين بي وضو ٿي ٿڃ نه پياري ھئي سدائين وضو ڪري کين ٿڃ پياريندي ھئي. پر جيڪڏھن ڪنھن وقت کڻي بنا وضو جي ٿڃ آڇيندي ھئي ته پاڻ ٿڃ نه وٺندا ھيا. پاڻ حضرت جن زمانه طفلي ۾ ڪڏھن به ٻين ٻارن وانگر بيفائده راند روند ۾ وقت ضايع نه ڪيائون. سندن والد مڪرم جو چوڻ آھي ته پاڻ ڪڏھن به ننڍن ٻارن وانگر انگل ڪري مون سان کائڻ پيئڻ لا يا دنيا جي شين لا ضد نه ڪيائون نه وري پائي پيسو گھريائون.

ننڍي لاڪون پاڻ متقي پرھيزگار، صابرين ۽ شاڪرين ھوندا ھيا.پاڻ فرمايائون ته”جڏھن ٻار ھڪ چولي ۾ ھوندو آھي اسان به تنھن زماني ۾ ان وقت کان وٺي اڄ ڏينھن تائين نماز ۽ درود شريف کي نه ڇڏيو آھي“.

 

نسب نامه

حضرت جن جا آباؤ اجداد شورڻ ناڙي بلوچستان جنھن کي شوران”ضلع ڍاڍر بلوچستان“ چيو وڃي ٿو سنڌ ۾ آيا. ھاڻي جتي درگاه مشوري شريف آھي اتي رھيا.

پاڻ حضرت جن حاجي محمد عثمان مشوري جا فرزند ارجمند آھن. جيڪو ھڪ ديندار متقي ۽ باشرع انسان ھيو ۽ حضرت قبله پير سائين سيد امام الدين شاھ راشدي رحمة الله عليه جن جو سچو فقير ۽ مريد ھيو.

حضرت علامه الحاج مولانا محمد قاسم بن محمد عثمان بن محمد نهال بن الله بخش بن يار محمد بن پيارو بن شاھ محمد.

يار محمد کي ڇھه پٽ ھيا.

١.صاحب خان. ٢. ٻڍو خان. ٣. اللھ بخش. ٤. آڍو خان. ٥. دودو. ٦.محمد پريل.

پاڻ حضرت جن اللھ بخش جي اولاد مان آھن. اللھ بخش جو پٽ نهال خان وري نهال خان جو پٽ حاجي محمد عثمان. حاجي محمد عثمان کي ٻه فرزند ٿيا.ھڪ حضرت قبله مشوري شريف وارا سائين ٻيو محمد نھال خان جيڪو پو جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو.

 

تعليم تربيت

پاڻ اڃان معصوم ڳالهائڻ جهڙا مس ٿيا ته سندن جي تعليم مختصر نموني سان سندن شفيق والدين ڪئي. قرآن پاڪ پنھنجي والده ماجده وٽ پڙھي پورو ڪيائون. سندن والده عابده زاھده شب خيز قرآن شريف جي شائقه ۽ عامله ھئي ۽ حضرت پير سائين ٺلاه شريف وارن جي سچي مريدياڻي ھئي. قرآن شريف جي تعليم مڪمل ٿيڻ کان بعد ڳوٺ ”ملان ابڙو“ ۾ حضرت مولانا محمد عالم ابڙي صاحب وٽ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لا سندس مدرسي ۾ داخل ٿيا. جناب مولانا محمد عالم ابڙو صاحب جن نھايت متقي، پرھيزگار، متشرح عالم باعمل شخصيت ھيا ۽ سلف صالحين جي نشاني ھيا.جيئن ته پاڻ نھايت ذھين ۽ ذڪي ھيا ۽ قدرت کي به سندن کان دين جي اساعت جو ڪم وٺڻو ھيو تنھنڪري پاڻ ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي فارسي بھاردانش تائين مولانا محمد عالم صاحب وٽ پڙھي پوري ڪيائون.

 

دستار فضيلت

سندن جي دستار فضيلت سن ١٣٣٩ھجري مطابق 1920ع ۾ مدرسه دارالفيض سونا جتوئي ضلع لاڙڪاڻي ۾ ولي ڪامل عالم رباني حضرت علامه مفتي ابوالفيض غلام عمر جتوئي قدس الله سره العزيز وٽ ٿي.

مدرسه جامعه عربيه قاسم العلوم مشوري شريف جو سنگ بنياد

پاڻ پنھنجي استاد جي اجازت ۽ امر سان پنھنجي ڳوٺ صاحبخان مشوري شريف ۾ سن ١٣٤٠ ھجري مطابق 1920ع ۾ ”مدرسه قاسم العلوم جامعيه عربيه دارالفتا الشرعي“ جي نالي سان جاري فرمايائون. جنھن جو سنگ بنياد پنھنجي شفيق استاد حضرت ابوالفيض جن جي دست بابرڪت سان رکرايائون.

 

سيرت مبارڪ

سندن جي ٩٤ ورھيه جي حياتي جي نشست برخاست سموري پوري جي پوري سيرت جو کليل ڪتاب جي مثال آھي. سندن جي سيرت ۽ اخلاق ڏسي مخالف ڌر وارا به سندن جي پٺيان نماز پڙھندا ھيا ۽ دعا طلبيندا ھيا. امين اھڙا ھيا جو امانتون ساڳي حالت ۾ واپس ڪندا ھيا. ايتري تائين جو پئسا به مٽائڻ نه  ڏيندا ھيا. فرمائيندا ھيا تهه پئسا کپائي مٽائي ٻيا ڏيڻ ايھا به امانت ۾ ھڪ خيانت آھي. ريش تراش ماڻھون جڏھن سندن جي ڀاڪر ۾ ايندو ھيو تهه ٻئي دفعه باريش ٿي اچي ملندو ھيو. پرائي کي پنھنجو ڪرڻ سندن ڪرامت سان گڏ سيرت پاڪ به ھئي. پاڻ مجاھد اعظم به ھيا. پنھنجي جماعت کي جھاد جي تعليم ۽ ترغيب ڏياريائون. بنفس نفيس خود لاڙڪاڻي جي ٽريننگ سينٽر ۾ شرڪت ڪندا ھيا. پنھنجي تقريرن ۾ وقت جي سلطانن کي به بيداري جي دعوت ڏيندا ھيا.

 

گفتگو مبارڪ

سندن جو گفتگو نهايت شيرين، فصيح بامقصد ۽ ميٺاڄ وارو ھوندو ھيو. سندن جو گفتگو ذھن کي متوجه ڪندڙ ۽ دل و دماغ تي اثر ڪندڙ ھيو. پاڻ گھڻو نه ڳالهائيندا ھيا ۽ مختصر ۽ بامعني جواب فرمائيندا ھيا.  ڳالهائڻ ۾ مخاطب کي ڊيگهه ڪرڻ کان منع فرمائيندا ھيا. پاڻ تڪڙو نه ڳالهائيندا ھيا. عمومن نرم ۽ آھستگي سان گفتگو ڪندا ھيا. تقرير مبارڪ ۾ آواز بلند ڪندا ھيا ۽ تقرير دوران گريهه به ٿيندو ھيو تڏھن به سندن جو آواز مبارڪ ۾ الفاظ صاف ٻڌبا ھيا ۽ آواز ٻاڙو نه ٿيندو ھيو نه وري ٻٽجي ويندو ھيو. سندن جي زبان مبارڪ مان ھميشه فقط قال اللھ تعالي وقال رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو گفتگو نڪتو ۽ سندن جي عشق محبت، ھدايت ۽ نصيحت جون ڳالهيون نڪتيون. سندن جي آواز مبارڪ ۾ اھڙو تاثير ھوندو ھيو جو طالبن جا قلب الله پاڪ جل شانه  ڏي راغب ٿي پيا.

 

مزاج مبارڪ

سندن جي مزاج مبارڪ ۾ جمال ۽ جلال جو امتزاج ھيو. جنھن ۾ جمال جو غلبو ھوندو ھيو. عين جلال ۾ به جمال جو اظھار فرمائي ويندا ھيا. پاڻ نھايت ھمدرد، ھڏڏوکي، ٻين جي ڏک ۾ درد کي پنھنجو سمجهندڙ، تمام رقيق القلب ڏٺا ويا جو ڪنھن به پنھنجي سور ۽ ڏک جي دانھن ڏني ۽ رنو ته پاڻ به ان سان گڏ گريهه فرمائيندا ھيا ۽ ان کي تسلي ڏيندا ھيا ۽ ان لادعا گھرندا ھيا. تحمل ۽ درگذر، شفقت ۽ پيار سندن جي اھڙي صفت ھئي جو ھرھڪ ماڻهون سندن لاسڪندو ھيو ۽ مٿن عاشق ۽ شيدائي ٿي پوندو ھيو ۽ خيال ڪندو ھيو ته پاڻ بادشاج ڪريم سڀ کان گھڻو پيار ۽ شفقت مون سان ڪرڻ وارا آھن.پاڻ قرب ۽ محبت ڏئي پنھنجو ڪري ويندا ھيا ۽ ظاھري عملن ڏي نه  ڏسندا ھيا.

 

حليه مبارڪ

١. پاڻ بادشاھ ڪريمن جو قد مبارڪ بلند، نه تمام ڊگھو نه ننڍو، مگر درميانه  درجه کان ڊگهو.

٢. رنگ مبارڪ کليل ڪڻڪ رنگو.

٣. بدن مبارڪ جي بيھڪ سھڻي،مظبوط نفيس ۽ خوبصورت.

٤. بدن مبارڪ جا ھڏا ۽ پٺا مبارڪ فراخ.

٥. ٻانھون مبارڪ ڊگھيون، ويڻي مبارڪ ويڪري.

٦. ڏورا مضبوط.

٧. سينو مبارڪ ڪشادو، ويڪرو، علم ۽ عرفان جي نور سان معمور،سندن جي سيني مبارڪ مان خوشبو ايندي ھئي.

٨. ھٿن مبارڪن جون آڱريون مبارڪ ڊگھيون ۽ ڪجهه ٿلهيريون.

٩. چنبا مبارڪ موڪرا.

١٠. پنيون مبارڪ سنهيون ڊگهيون.

١١. قدم مبارڪ پُر گوشت،ڪجه ڊگها، پيرن مبارڪن جون تريون سڌيون،نفيس ۽ نھايت صاف. ساڄي پير مبارڪ تي ترين جي ھيٺان پٻ تي تر جو نشان ھوندو ھيو.

١٢. مٿو مبارڪ گول، سھڻو، شرعي وارن مبارڪن سان سينگاريل، سندن مٿي مبارڪ جي وچ تي وار البت ٿورا ھيا. پاڻ فرمائيندا ھيا تهه حضرت پير سائين روضي ڌڻي قدس سره جن کي به مٿي مبارڪ جي وچ تي وار گھٽ ھوندا ھيا.

١٣. پيشاني مبارڪ نوراني چمڪندڙ،جيڪڏھن شرعي معامله ۾ مخالف ويندڙ تي جلال ايندو ھيو تهه پيشاني مبارڪ ۾ گھنڊ جو اثر ڏسبو ھيو.

١٤. چھرو مبارڪ روشن لطيف، البت درازي ڏانھن ڪجه مائل گول ۽ نوراني تروتازه گلاب جي گل وانگر دلڪش ذھانت ۽ دانائي فراست سان روشن، رخ انور تي غور و فڪر جا نشان.

١٥. ڳل مبارڪ سھڻا ۽ چمڪندڙ ۽ داغ کان پاڪ.

١٦. نھايت چمڪندڙ بارونق دلڪش ۽ دل ۾ گھري ويندڙ ڪاريون اکيون مبارڪ.سندن اک مبارڪ جي ڀرسان سھڻو سنهو خوشنما تر ھوندو ھيو.

١٧. ڀروان مبارڪ ڊگھيون ۽ سنهن وارن سان جڙيل.

١٨. خوبصورت سھڻو اڀريل نڪ مبارڪ.

١٩. دھان مبارڪ مائل به فراخي.

٢٠. لب مبارڪ گلابي، گلاب جي پنکڙين جيان نازڪ.

٢١. ڏند مبارڪ سفيد گويا موتي جا داڻا آھن.

٢٢. بغل مبارڪ سفيد معطر ۽ خوشبودار.

٢٣. سونهاري مبارڪ قبضه تي ھوندي ھئي. سينه  مبارڪ ڀريل ڏيکاربو ھيو. آخري عمر شريف ۾ سندن سونهاري مبارڪ زور سفيد، نوراني ۽ چمڪندڙ ھئي. ھڪ تهه سندن جو رخ مبارڪ نور ٻيو سونهاري مبارڪ به سفيد ۽ ڏسڻ ۾ نور گويا چوڏھين جي چنڊ کان وڌيڪ منور ۽ روشن ڏسبا ھيا.

 

شادي مبارڪ

سندن جي شادي مبارڪ ١٣٣٧ ھجري مطابق 1918 ع ۾ دستاربندي کان اڳ طالبائي واري زماني ۾ ٿي. حضرت قبله مرشد ڪريم ٺلاه شريف وارا سائين ۽ استاد سائين ابوالفيض جن سندن جي شادي ۾ شرڪت فرمائي. سندن جي شادي پنھنجي ڳوٺ جي الله بخش مشوري جي نياڻي سان ٿي. اھا امان سائڻ عابده، زاھده، قرآن شريف جي شائقه، درود شريف جي پڙھندڙ ھئي. پاڻ سڄي عمر ننگر شريف جي خدمت ڪيائون. ان زماني ۾ ڪارخانه يا مشينون به ڪونه ھيا. پاڻ جنڊ پيھي جماعت ۽ طالبن جي خدمت ڪيائون طالب ۽ جماعتي کين ادب منجهان ”امان ننگر واري“ ڪري سڏيندا ھيا.

 

منڊي مھر مبارڪ

سدن وٽ چاندي جي منڊي مبارڪ مھر سان ھوندي ھئي. جنھن سان، شريعت جي فتويٰ ڏئي، دستاويز تي يا تحرير تي مُھر ھڻندا ھيا.سندن جي مُھر تي ھي الفاظ اڪريل ھيا.

 

مژدہ باد اے دل خدا معطیٰ محمد قاسم است

 

ترجمون: خوشجبري ۽ بشارت ھجئي اي دل جو الله پاڪ جل شانه ڏيندڙ آھي ۽ حضرت محمد پاڪ صلي اللھ عليه وآله واصحابه وسلم  ونڊيندڙ آھي.

پاڻ بادشاھن ڪريمن ڪڏھن به اھا منڊي ڪونه پاتي ھئي. نه ئي وري ڪڏھن ڪا ٻي منڊي آڱر ۾ پاتي ھئي. پاڻ ڪڏھن واچ يعني گھڙي به ڪونه پاتي

 

خوشبو ۽ عطر

سندن کي عطر سان ڏاڍي خاطري ھوندي ھئي. حسب معمول سدائين روزانه دلفريب مخصوص خوشبو سان واسيل ھوندا ھيا. پگھر ايندو ھيو ته خوشبو ايندي ھئي. پاڻ بادشاھن ڪريمن جي ٻانھن مان سنوارت واري جڳهه مان ڪڏھن به ناوڻندڙ بو نه  آئي. سندن جا ھٿ مبارڪ ۾ خوشبو جو ٻھڪار ھوندو ھيو. پاڻ جنھن ڪپڙي يا ڪنھن نينگر تي شفقت جو ھٿ مبارڪ گھمائيندا ھيا ته ان مان سندن جي مخصوص خوشبو ايندي ھئي جو ان خوشبو مان ھرڪو فقير يا جماعتي سڃاڻي وٺندو ھيو ته ھي حضرت بادشاھن ڪريمن جي خوشبو آھي. پاڻ خوشبو ۾ اڪثر ڪري مشڪ جو عطر استعمال پسند فرمائيندا ھيا. پاڻ فرمايائون ته مشڪ کي حضور ڪريم صلي اللھ عليه وآله وسلم جن به پسند فرمايو آھي تڏھن ٿا اسين به ھڻون. ان کان علاوه ٻيا عطر به استعمال ۾ آندائون. جن ۾ عنبر، عود، شمامة عنبر، گلاب وغيره اھي سڀ عطر سندن جي ڪاڻ مدينه منوره کان ايندا ھيا. سينٽ ۽ پرفيوم استعمال ۾ نه آڻيندا ھيا. انھن لا فرمائيندا ھيا ته انھن ۾ الڪوحل آھي جيڪو شراب وانگر حرام آھي. جنھن خوشبو ۾ الڪوحل ھجي اھو لباس تي نه ھڻجي. ان کان علاوه پاڻ بادشاھ ڪريم پاؤڊر ۽ ڪريم کان به احتراز ڪندا ھيا ۽ ھڻڻ کان منع فرمائيندا ھيا.

 

لباس مبارڪ

پاڻ بادشاھ ڪريم لباس مبارڪ سفيد پھريندا ھيا. سندن جو پھراڻ مبارڪ گوڏن کان ھيٺ ڪشادو ۽ بنا کيسن جي، سنجافن تي ھوندو ھيو. سلوار مبارڪ وچ ٿري ۽ ٽڻين کان ٿورو مٿي ھوندي ھئي. پاڻ موسم موافق لباس پائيندا ھيا. گرمين ۾ سنها پھرياڻ ته سياري ۾ ٿلها ڪپڙا پائيندا ھيا. پاڻ جوراب، سوئيٽر ۽ گنجي ڪونه پائيندا ھيا. سياري جو ڪوٽ ۽ مٿان سائي لوئي پائيندا ھيا. اوائلي وقت ۾ ھرک جي اڇي چادر پھريندا ھيا. ان کان بعد سائي لوئي کان علاوه ٻي چادر استعمال ڪو نه  فرمايائون. سياري جي صبح جو دستار مبارڪ ٻڌندا ھيا ۽ مدينه شريف کان آيل وڏو رومال مبارڪ ڪارين سنهين ليڪن وارو پڻ پائيندا ھيا. سانوڻ جو فقط اڇو سنهون مبارڪ تاج شريف جي مٿان پائيندا ھيا.جمع يا عيد جي ڏينھن يا دعوت جي موقعي تي دستار مبارڪ ٻڌندا ھيا. باقي عام اوقاتن ۾ فقط تاج مبارڪ ۽ سفيد رومال مبارڪ ھوندو ھيو. سندن جي دستار مبارڪ سفيد ھوندي ھئي. دستار ٻڌڻ کان بعد آرسي به ڏسندا ھيا. سندن جي دستار مبارڪ نه گھڻي ڊگھي نه تمام ننڍي، جو رڳو ٻه ٽي وڪڙ ٿين، بلڪه وچٿري جو گول گنبذ ٿي بيھندي ھئي. دستار شريف جو تُرو پويان وچ تي ڪندا ھيا ۽ تاج شريف جي مٿان دستار ٻڌندا ھيا.پاڻ بادشاھن ڪريمن پنھنجي سموري زندگي مبارڪ ۾ ڪف، ڪالر يا شيرواني ڪانه پاتائون ۽ نه ئي ڪڏھن رنگين ڪپڙا استعمال ڪيائون. پاڻ بادشاھ ڪريم ھٿن مبارڪن ۾ ھميشه پوچو کڻندا ھيا. لباس ۾ اول تاج شريف پائيندا ھيا ان کان بعد چولو مبارڪ ۽ ان کان بعد سلوار پائيندا ھيا. پاڻ لباس کي اول ساڄي طرف کان پائڻ شروع ڪندا ھيا ان کان بعد کٻي طرف ڏانھن.

 

نعلين مبارڪ

پاڻ بادشاھ ڪريم ملتاني جتي جنھن کي کُسو به چئبو آھي اھا پائيندا ھيا. پاڻ بادشاه ڪريم ھميشه جتي کڙي ڀڳل پائيندا ھيا. سندن جي جتي مبارڪ کي اڇي يا سونه ري زري لڳل ھوندي ھئي. نئين جتي کي اندران ٿورو تيل مکي وضو ڪري پو پائيندا ھيا.ڪڏھن ڪڏھن نئين جتي مبارڪ جو رنگ سندن جي قدمن مبارڪن کي لڳي پوندو ھيو. پاڻ نئون موزو مبارڪ جمع يا سومر جي ڏينھن پائيندا ھيا. پائڻ کان بعد شڪرانه جو نفل به پڙھندا ھيا. ھڪ ڀيري نئين جتي مبارڪ پاتائون ۽ پاتل ئي ھئي جو مصلي تي بيٺا ۽ نفل پڙھيائون ۽ ان کان بعد دعا گھري ۽ مون کي فرمايائون ته ”پٽ جيڪڏھن ڪو نئين جتي پائي ته ان کي ڇا چئجي؟ مون عرض ڪيو ته ”دشمن زير“. پاڻ جوابن ارشاد فرمايئون ته ”ھميشه باشد“. ان کان بعد فرمايائون ته” پٽ اسان جو دشمن نفس ۽ شيطان آھي اسان به انھن جي لا چيوسين. ٻئي لا نه ٿا چئون“. جتي پائڻ کان بعد پاڻ مسنون دعائون پڙھندا ھيا جن ۾ نعمت عطا ٿيڻ تي الله پاڪ جو شڪر سيکاريل آھي.

 

سواري

پاڻ باشاھن ڪريمن سواري جي لا ڪڏھن به ذاتي سواري ڪار وغيره نه ڌاريائون. پاڻ بادشاھن ڪريمن جن سوارين تي سفر فرمايو انھن ۾ گھوڙي، اٺ، جيپ، ڪار، ھوائي جھاز، بحري جھاز شامل آھن. فقير محمد بخش جمالي، رھندڙ شاه بيگ جمالي کان منقول آھي ته ھيڪر کين اسانجي ڳوٺ دعوت ھئي، مان گھوڙي ڪاھي آيس، فقير ڪاوڙيا ته ھي گھوڙي ڏنگي آھي ان کي نه ڪاھي اچين ھان. پاڻ ڪريمن بادشاھن اھو ٻڌو ته فرمايائون ته اسان ڏنگن کي سڌو ڪندا آھيون. پاڻ انجي مٿان لانگ ورائي چڙھيا ته ان گھوڙي وري ڪڏھن به ڏنگ نه ڪيو.

 

ڪعبة الله شريف جو ادب

پاڻ بادشاھن ڪريمن فرمايو ته حضرت ڪعبة الله شريف جي طواف جي دوران يا ٻاھر ھر وقت ادب سان رھو. اکيون ھيٺ ڪري طواف ڪيو. ھيڏي ھوڏي خيالات ڊڙائڻ کان گوشه ڪيو. اھي مقامات مقدس آھن جتي خيالات تي به پڪڙ ٿيندي آھي. ٻئي ھنڌ جو ھڪ گناه ھڪ ليکبو ته اتان جو ھڪ گناه ھڪ لک گناھن جو لکبا. پاڻ بادشاھن ڪريمن طواف دوران ڳالهائڻ کان به منع ڪيائون. پاڻ فرمايائون ته حجر اسود تي چمي ڏيڻ لازور ۽ گوڙ نه ڪجي. اڳ ۾ اللھ پاڪ کان دعا گھرجي ته مون کي اجازت ملي ته مان تنھنجي قدرت جي ھٿ مبارڪ يعني حجر اسود کي چمي ڏيان. توفيق پني پوچمي ڏجي.

 

مدينه شريف جو ادب

پاڻ حضرت بادشاه ڪريم محبوبن مرشدن ڪريمن صلي اللھ عليه وآله وسلم جي شھر مبارڪ جو بي حد ادب ڪندا ھيا.جڏھن اتي مدينه شريف ويندا ھيا ته اتي ڪڏھن به مدينه شريف جي حد ۾ قضا حاجت نه ڪيائون نه وري رسته مبارڪ سان ھلندي ٿڪ اڇلايائون. سندن جي روش مبارڪ ھوندي ھئي ته اتي وٽ وغيره لا ڀتر جي ضرورت ھوندي ھئي. پاڻ بادشاھ ڪريم اھي ڀتر ھتان ڪچي مٽي جا ٺھرائيون کنيون ويندا ھيا. باقي مدينه شريف جي سرزمين مبارڪ جي ڀترن سان وٽ نه ڪندا ھيا. سندن جي اھا به روش مبارڪ ھئي پاڻ ڪڏھن به سعودي عرب جو لفظ نه فرمائيندا ھيا. جيڪو چوندو ھيو ته مان سعودي عرب ٿو وڃان ته ان تي ناراض ٿيندا ھيا ۽ فرمائيندا ھيا سعودي سان اسان جو ڇا؟عربستان شريف چئجي يا حجاز مقدس چئجي يا چئجي ته مدينه شريف ٿو وڃان.

پاڻ بادشاھن ڪريمن فرمايو ته جنھن کي مدينه شريف جي آبھوا ۽ کاڌو پاڻي موافق نه اچي ته سندس ايمان ۾ شڪ آھي يا فرمايائون ته سندس ايمان ضعيف آھي کيس توبه تائب ٿيڻ گھرجي. مومن محبت واري کي مدنيه شريف جي آبھوا موافق ايندي آھي. اڀرا سڀرا اتي پھتا ته خوش ٿي ويا.

 

آداب قرآن شريف

پاڻ بادشاھ ڪريم قرآن شريف جي تلاوت ۾ تڪڙ اصل نه ڪندا ھيا ۽ آرام سان پڙھندا ھيا. عذاب جو ذڪر ايندو ھيو ته پناه گھرندا ھيا ۽ گريه ڪندا ھيا ۽ فرمائيندا ھيا ته ”اللٰھم اجرنا من النار“.تلاوت شريف جي دوران ڪنھن سان به گفتگو نه  فرمائيندا ھيا.جي گفتگو جي ضرورت پئجي ويندي ھئي ته قرآن شريف کي ٺپي دعا گھري پوگفتگو ڪندا ھيا. ھڪ ڀيري ”وامتازو اليوم ايھا المجرمون“ کي پڙھندي پڙھندي فجر ڪري ڇڏيائون. تھجد جي وقت نفلن ۾ قرآن شريف جي ايتري تلاوت ڪندا ھيا جو سندن جي پيرن مبارڪن ۾ ورم پئجي ويندو ھيو. سندن جي روش ڪباڪ ھوندي ھئي ته جڏھن سجدو تلاوت جو ايندو ھيو ته پاڻ قرآن شريف ٺپي ۽ اٿي بيھندا ھيا ۽ پو سجدو ڏيندا ھيا. سندن جو اھو اٿڻ قرآن شريف جي تعظيم ۽ سجدي جي ڪري ھوندو ھيو. سندن کي اتي جو اتي ويھي سجدو ڏيندي ڪڏھن به نه  ڏٺو ويو.

 

والدين جو ادب

پاڻ بادشاھ ڪريم پنھنجي والدين جو ڏاڍو ادب ڪندا ھيا. انھن سان احسان ۽ نيڪي سان پيش ايندا ھيا. پاڻ بادشاھ ڪريم ڪيتري به جلال ۾ ھجن جي سندن جو والد سڳورو اچي ويو ۽ کين ان غصي واري ڳالهه کان منع ڪيائين ته سندن جو غصو ايئن ختم ٿي ويندو ھيو جيئن باه ھڪدم پاڻي سان وسامي وڃي. بادشاھن ڪريمن جي والده مڪرمه پھريان وفات ڪئي ھئي. پاڻ بادشاھ ڪريم مسجد شريف ۾ اشراق جا نفل پڙھي سبق ڏئي فارغ ٿيندا ھيا ته مسجد شريف جي دري کولي پنھنجي والده مڪرمه کي ختم شريف ڏئي پو مسجد شريف جي ٻاھران ويٺل پنھنجي والد محترم کي پيرن تي ھٿ رکي ۽ ھٿ چمي سندن جي خير خيريت پڇي پو اندر حويلي تي اسرندا ھيا. ھي ڳاله به دلچسپي کان خالي نه آھي جو جڏھن پاڻ پاڻ بادشاھ ڪريمن علم جي دستار ٻڌي ۽ پنھنجو مدرسو کوليائون ته سندن جي والد ماجد سندن وٽ نصاب جا ڪجهه ڪتاب پڙھيا ۽ حديث شريف جي ڪتاب مشڪواة المصابيح جا سبق بادشاھن ڪريمن کان وٺندو ھيو. ھي ھڪ منفرد ۽ نرالي حقيقت ھئي جو والد پنھنجي فرزند وٽ سبق پڙھندو ھيو. بادشاھن ڪريمن جي والد سڳوري کي جماعت ۽ طالب العلم ”ڏاڏا سائين“ ڪري سڏيندا ھيا. بادشاھن ڪريمن جو والد محترم پنھنجي ھن زور اديب، فيض واري فرزند سان ڏاڍي رکندو ھيو ۽ سندن جو ڏاڍو ادب ڪندو ھيو ۽ ڪڏھن به نالو کڻي پنھنجي فرزند کي سڏ نه ڪيائين بلڪه کين ”سائين“ جي لفظ سان مخاطب ٿيندو ھيو.

 

استادن سڳورن جو ادب

پاڻ ھميشه جواني ۾ ۽ ان کان پو به استاد سائين ڏي پيدل ويندا ھيا. ادب جي ڪري سواري تي نه چڙھندا ھيا. جڏھن بند کان ھيٺ لھندا ھيا ته جتيون مبارڪ به لاھي ڇڏيندا ھيا. پڇاڙي ۾ تمام ضعيفائي جي ڪري اگرچه سواري تي ويندا ھيا پر ان جي باوجود ڳوٺ جي ٻاھران جيپ روڪرائي پو پيرين پيادا اڳتي تشريف فرما ٿيندا ھيا. اڳ ۾ مسجد شريف ۾ اچي نفل پڙھندا ھيا پو استاد سائين جي مزار مبارڪ وٽ ايندا ھيا ۽ اتي تمام گھڻو گريو فرمائيندا ھيا. پاڻ ھميشه پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان،کنڊ، چانھن جا دٻا، گيھ بسڪوٽن جا دٻا کنيون ويندا ھيا ۽ اتي استاد سائين جن جي حويلي مبارڪ ڏي ڏياري موڪليندا ھيا. اتي استاد سائين جي پوٽن ۽ ڏھٽن کي خرچيون ۽ پيسا ڏيندا ھيا. سوني جتوئي جي ڳوٺ جو ڪو ماڻھون جي پاڻ بادشاھن ڪريمن جي ڳوٺ ايندو ھيو ته انجي تمام گھڻي تعظيم ڪندا ھيا ۽ انھن کي خاص ننگر کارائيندا ھيا. وڏي ڳالھ اھا جو استاد سائين جي ذات جي ڪري جتوئي ذات جو وڏو ادب ڪندا ھيا.

 

مرشدن ڪريمن جو ادب

پاڻ بادشاھن ڪريمن کي پنھنجي مرشدن ڪريمن سان حد درجه محبت ۽ ادب ھوندو ھيو. سندن جو ته ادب رکيائون پر انھن جي آل اولاد جو ادب ڪيائون ۽ سندن جي ڳوٺ وارن جو بيحد احترام ڪيائون. پاڻ بادشاھ ڪريمن پنھنجي سڄي حياتي مبارڪه ۾ پنھنجي مرشدن ڪريمن جي ڳوٺ يعني ٺلاه شريف ڏي پير ڪري نه  ستا. پڇاڙي واري عمر مبارڪه ۾ حويلي وارن اتفاقن سندن جي کٽ مبارڪ جا پير ٺلاه شريف واري طرف يعني ڏکڻ ڏي ڪيا ته پاڻ ڏسي ان کٽ تي نه ويٺا ۽ فرمايائون ته کٽ جا ھيڏي، يعني اوڀر ڏي ڪيو. پاڻ  بادشاھ ڪريم پنھنجي مرشدن ڪريمن جي ادب جي ڪري سندن جي ڳوٺ ڏي حيات مبارڪه توڙي سندن جي وصال کان بعد به پيدل ئي ويا. بادشاھ ڪريم پنھنجي عمر شريف جي پڇاڙي ۾ ضعف جي ڪري اگرچه سواري تي ويندا ھيا ته انجي باوجود پنھنجي سواري کي سندن جي شھر مبارڪ کان ٻاھران روڪرائي ۽ اتان پيدل ويندا ھيا. ھڪ ڀيري بادشاھ ڪريم ٺلاه شريف يعني پنھنجي مرشدن ڪريمن جي شھر ڏي تشريف فرما ٿيا. اتي رستي ۾ پاڻ بادشاھن ڪريمن وٽ يعني استنجي ڪرڻ جو خيال ڏيکاريائون. ھڪڙو مريد سندن سان گڏ ھيو. اھو وٽ جي لاڀتر نزديڪ زمين مان کڻي آيو. ان فقير جڏھن ڀتر آڻي ڏنو پاڻ بادشاھن ڪريمن پڇا فرمايس ته ڪٿان کڻي آيو آھين؟ زمين ڏي اشاري ڪري عرض ڪيائين سائين اتان آندو اٿم. پاڻ بادشاھن ڪريمن ڪاوڙ مان نهاري فرمايس ته ”احمق تون اھو حضرت پير سائين جن جي زمين مان وٽ لاٿو مون کي ڀتر کڻي ڏئين“.ان کان بعد پاڻ انھن ڀترن کي چمي ڏنائون ۽ حڪم ڪيائونس ته اھي وڃي ساڳي ھنڌ تي رکي اچ. حضرت پير سائين جن جا ننڍا پوٽا ايندا ھيا ته پاڻ بادشاھ ڪريم انھن جو بيحد احترام ڪندا ھيا. انھن کي ڪپڙن جا ويس وڳا ڏيندا ھيا. انھن جي استقبال جي ڪاڻ اٿي بيھندا ھيا ۽ انھن جا ھٿ چمندا ھيا ۽ ھلڻ وقت انھن کي اڳيان ھلڻ لاچوندا ھيا ۽ پاڻ انھن جي پويان ھلندا ھيا. ھميشه عيدن جي موقع تي انھن کي گھرائيندا ھيا ۽ مجلس ۾ انھن کي پيشوا ڪري ويھاريندا ھيا ۽ انھن کان دعائون گھرائيندا ھيا. ھڪ ڀيري حضرت پير سائين جن جي ڪنھن ننڍي نينگر خط لکيو ته چانهه  جي لاکير ڪونھي سو اوھان ھڪ ٻڪري کير لاموڪلي ڏيو. خط ۾ لکندڙ جو نالو وغيره ڪونه لکيل ھيو. پاڻ اھو خط پڙھي خط آڻيندڙ ھمراھ جي ھٿ ٻڪري جي بدلي مينھن موڪلي ڏنائون. پنھنجي مرشد ڪريم جي وصال کان بعد جيڪو ڏک ۽ غم ۽ درد سندن نازڪ ۽ حساس طبيعت کي پھتو انجو اندازو نه آھي. ھميشه گريه ڪرڻ ۽ حويلي شريف ۾ روڄ راڙو ھيو. سندن جو اھو گريه پڇاڙي عمر شريف تائين بند نه ٿيو جو جڏھن به پرشدن ڪريمن جي ڳالهه ڪندا ھيا ته گريه فرمائيندا ھيا.

حضرت ميان حاڪم شاھ صاحب کان منقول آھي ته ھڪ ڀيري پاڻ بادشاھ ڪريم حضرت پير سائين جن جي درگاه شريف ڏي تشريف فرما ٿيا. ان وقت ٻاھرين چؤ ديواري جو ڪم ھلندڙ ھيو پاڻ بادشاھ ڪريم حضرت پير سائين جن جي مزار شريف جي ڀرسان ھلي ويٺا. مزار مبارڪ ڪچي ھئي ۽ فرش وغيره ڪو نه ھيو. پاڻ ٻئي ھٿ مبارڪ مزار شريف تي تيمم وانگر رکي منھن مبارڪ تي ڦيرايائون. بعد ۾ ڪجه پڙھي متوجه ويٺا. جڏھن اتان اٿيا ته مٽي سندن جي ڪپڙن کي لڳل ھئي.مون ڪپڙن مبارڪن کي رومال سان اگھڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ مون کي منع فرمايائون.عرض ڪيم ته سائين مٽي آھي. فرمايائون ته”ھي مٽي نه آھي ھي نور آھي“.

 

محفل جا آداب

پاڻ ڪڏھن به خلوت يا جلوت ۾ پير ڊگھيري نه ويٺا. پاڻ ڪڏھن ٻانھن تي ٽيڪ ڏئي نه ويٺا ۽ نه ئي ڪڏھن طول وھاڻو استعمال ڪيائون. پاڻ بادشاھن ڪريمن ڪڏھن به ڪرسي تي ويھي ۽ ڄنگ تي ڄنگ نه چاڙھيائون. پاڻ اڪثر ڪري گوڏا مبارڪ موڙي ويھندا ھيا. سندن جي ويھڻ ۾ تواضع ۽ انڪسار ظاھر ھوندو ھيو ۽ ڪنڌ مبارڪ جهڪيل ھوندو ھيو. پاڻ ڪڏھن به ٽھڪ نه  ڏنائون باقي صرف مرڪندا ھيا. اگر مرڪندا ھيا ته به پنھنجي دھان مبارڪ تي ڪپڙو ڏئي مرڪندا ھيا. پاڻ بادشاھ ڪريم ماڻھن جي اورانگھڻ، لٺ کي اورانگھڻ ۽ جتي پائي تڏي تي گھمڻ يا ھلڻ کان منع فرمائيندا ھيا.

 

پاڙي وارن جا آزار ۽ سندن جو صبر ۽ ثابت قدمي

پاڻ بادشاھن ڪريمن سان سندن جا پاڙي وارا تمام حسد ڪندا ھيا. ابتدائي دور ۾ پاڻ مائٽن ۽ پاڙي وارن جي طرفان تمام گھڻا ڏک، تڪليفون سٺائون. پاڻ بادشاھ ڪريم پاڙي وارن جي اخلاق سان نه ھلڻ ۽ کين تڪليف ڏيڻ تي پاڻ صبر ڪندا ھيا. پاڻ بادشاھن ڪريمن جڏھن درگاه شريف تي مدرسو کوليو ته اتي سندن جي مائٽن ۽ پاڙي يڪرائي ٿي سندن جي گهٽي بند ڪري ڇڏي. انجي ڪري بادشاھن ڪريمن ۽ سندن جي مدرسي جي طالبن ۽ جماعت جو ٻاھر نڪرڻ بند ٿي ويو. پو ڪنھن طالب کي يا جماعتي کي ڪنھن ڪم ڪار لا يا حاجت روائي لا ٻاھر وڃڻو پوندو ھيو ته پاڻ بادشاھ ڪريم پنھنجي حويلي مبارڪ مان پردو ڪرائي اتان کي ٻاھر وٺي ويندا ھيا. پاڻ انھي حال ۾ به دل برداشته نه ٿيا. پو حاجي ڪريم بخش جو سندن جي خويش مان ھيو ان اچي عرض ڪيو قبلا توھان گهٽي بابت حڪومت کي پڪاريو جو توھان جو پڪارڻ اثر ڪندو. پاڻ ان وقت مسجد شريف ۾ ويٺا ھيا فرمايائون ته حاجي احڪم الحاڪمين جي گهر ۽ سندس در تي ويٺا آھيون. اھو اسانجي حال کان ھرطرح باخبر ۽ واقف آھي انجي در کي ڇڏي ٻين جي درن تي ڪونه وينداسون. قدرت جو سان اھڙو ٿيو جو جن شخصن گهٽي بند ڪئي ھئي انھن ۾ مخالفت پئجي وئي ۽ پاڻ ۾ وڙھي پيا. پو انھن مان ڪي فرد حڪومت وٽ دانھين ٿيا. مختيارڪار ڏوڪري جي شھر واري وڏو منشي موڪليو جنھن جي اچڻ کان اول ئي انھن رات جو ڍنگھر وغيره پري ڪري رستو صاف ڪري ڇڏيو. منشي آيو ۽ پو ڳوٺ وارن کي تنبيه ڪيائين ته جيڪو اڄ کان پو گهٽي ۾ ڍنگھر رکي ان کي بند ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي. پاڻ بادشاھن ڪريمن ان جي متعلق فرمايو ته اھا به محبوبن ڪريمن صلي اللھ عليه وآله وسلم جن جي سنت مبارڪ ادا ٿي. رحم ۽ شفقت سندن جو شيوه ھيو ڪنھن کي پٽيندا ڪونه ھيا. پر ڏوراپو به ڪونه ڏيندا ھيا. سندن جي روش مبارڪ ھئي ته عيد جي موقعي تي ڳوٺ وارن کي سڏي دسترخوان وڇرائي انھن کي ننگر ڪرائيندا ھيا ۽ پاڻ به انھن سان گڏ ويھندا ھيا. ڳوٺ وارن مان جيڪي ماڻھون سندن سان بي ادبي پيش آيا انھن مان ڪوئي اگر بيمار ٿيو ته به انھن کان پڇڻ لا ان جي گھر ويندا ھيا.

 

مھمان نوازي

پاڻ بيحد فياض،سخي دل ۽ وڏا مھمان نواز ھيا.سندن دسترخوان وسيع ۽ ڪشادو ھيو.ھر قسم جا ماڻھون نادار،غريب، مسافر ۽ جماعت بنان روڪ ٽوڪ جي اچي ننگر کائي ويندا ھيا.سندن جو اھو ننگر ھن وقت تائين جاري آھي.

 

 عيد ميلاد النبي جو اھتمام

پاڻ وڏي اھتمام ۽ تزڪ شان سان عيد ميلاد النبي عليه الصلواة والسلام جو انعقاد ڪندا ھيا ۽ ٻارھين تاريخ ربيع الاول کي عيد جو ڏينھن ڪري ملھائيندا ھيا.ان موقعي تي عام ۽ خاص ننگر تيار ٿيندو ھيو. پاڻ سڀني آيل مھمانن، فقيرن، اھلبيتن، عالمن، حافظن ۽ اوڙي پاڙي وارن کي عرس شريف جي دعوت کارائي خوشي جو اظھار ڪندا ھيا ۽ خوش ۽ سرھا ٿيندا ھيا.ان موقعي تي ٻيا عام ماڻھون به ايندا ھيا جن کي به بنان روڪ ٽوڪ جي ننگر کارايو ويندو ھيو. سندن جو اھو مقرر ڪيل ميلاد شريف وارو موقعو ھر سال سال وڏي جوش جذبي سان سندن جي درگاھ شريف تي ملھايو ويندو آھي.ھن موقعي تي ھزارين ماڻھون ھر قسم جي طبقه مان ساري سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ مدينه شريف مان ۽ ملڪ جي گوشي گوشي مان عاشقان رسول عليه الصلواة والسلام جمع ٿيندا آھن.

 

 حرمين شريف جو سفر

  پاڻ حضرت بادشاھن ڪريمن ٩ حج ۽ ٢ عمره شريف ڪيا.

  پھريون حج شريف ١٣٥٧ ھجري مطابق 1938ع.

  ٻيون حج شريف حج شريف بتاريخ ١٣٦٥ ھجري ۾ ادا ڪيائون.

  ٽيون حج شريف ١٣٥٧ ھجري ۾ ادا ڪيائون.

  چوٿون حج شريف ١٣٨٤ ھجري ۾ ادا ڪيائون.

  پنجون حج شريف ١٣٨٥ ھجري مطابق 1965ع ۾ ادا ڪيائون.

  ڇھون حج شريف سن ١٣٨٧ ھجري مطابق 1968ع ۾ بذريعه ھوائي جھاز ادا ڪيائون.

  ستون حج شريف سن ١٣٨٨ ھجري مطابق 1969ع بذريعه ھوائي جھاز ادا ڪيائون.

  اٺون حج شريف سن ١٣٩٠ ھجري بذريعه ھوائي جھاز ادا ڪيائون.

  نائون حج سريف سن ١٣٩٤ ھجري مطابق نومبر 1984 ۾ ادا ڪيائون.

  پھريون عمره شريف  بتاريخ ٢ شعبان ١٣٩٦ ھجري مطابق 1976ع ۾ ادا ڪيائون.

  ٻيون عمره شريف سن ١٤٠٣ مطابق 1983 ۾ ادا ڪيائون.

 

 سندن تصنيفون

      ١..فتاويٰ قاسميه

      ٢..معلم الفرائض.

      ٣..پرد عورت.

      ٤..ارشاد الطريقت.

      ٥..ھداية الابرار في تحقيق ان المصطفي نور الانوار.

 

 وصال مبارڪ

ھي پيار شفقت ۽ رحمت جو سمنڊ، ھدايت ۽ فيض جو چمڪندڙ سج دنيا کي پنھنجي فيض جي نوراني ڪرڻن سان چمڪائيندي ۽ روشن فرمائيندي پھرين رمضان المبارڪ ١٤١٠ ھجري مطابق 28 مارچ سن 1990 ع اربع جي ڏينھن اسر جو ڇھين وڳي سحري جي وقت ٩٤ سال جي عمر مبارڪ ۾ روزه جي حالت سان وصال فرمايائون.

 
Today, there have been 11 visitors (15 hits) on this page!
This website was created for free with Own-Free-Website.com. Would you also like to have your own website?
Sign up for free